ھِيرو بابت
معنيٰ
قيمتي پٿر جو هڪ قسم، قيمتي رتن، جواهر جو هڪ قسم، الماس، مَڻيو.
A diamond.

بيتن ۽ وائين ۾
- اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون، پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون، آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ماڻِڪُ ڦُٽِرو، توڙي ھِيرو ھوءِ، جوھَرُ اِنَ ياقُوتَ جو، اُھِسُ اڳاھُون پوءِ، ماڻِڪُ مُحَّمَدُ ھوءِ، اُونداھِيءَ ۾ سوجِهرو.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- وِئا سي وِينجهارَ، ھِيرو لالُ وِينديِن جٖي، تَنِي سَندا پويان، سِيھي لَھَنِ نَہ سارَ، ڪُٽِينِ ڪَٽُ لُھارَ، ھاڻي اُنِهين ڀيڻيِين.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]