ڳَورا بابت
معنيٰ
ڳرا وزندار، وزنائتا، ڳرا، ڀاري، ثقيل، گران، باري، ڀاري. سنگين، سخت، ڏاڍا، پختا، پڪا. وڏا. بدن ۾ ڀريل، ٿلها.
Heavy, weighty, momentous, sedate, serious, staid.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڳَورا ٻَئِي پارَ، ھِنيُون حَيرَتَ ۾ پِئو، وِھان تَہ ويرَ مَ ٿِئي، نِينھَن ۾ پوءِ نِھارَ، وَڃان تَہ واڪو پَئي،…[ سُر سھڻي - آڌيءَ اڌاڻ، ڏم ڏھڪار ]
- ڳَورا ۽ ڳُوڙھا، سَڄَڻَ ڊاکَ ڇُڳَنِ جِيئَن، مُڪائُون مَحَبتَ جا، جهاٻا ۽ جُهوڙا، سَچُ ڪِ نِڀُوڙا، سَڄَڻَ اَچِي سَڃِيين.[ سُر بروو سنڌي - دل جو دلبر ]