گُمُ بابت
معنيٰ
غائب، لڪل، ڇُپيل، ڳُجهو، الُوپُ، مخفي، لاپتا. وڃايل، وِيَلُ، ٿِڙيل، چَٽُ، نابود، تباه، برباد، اُجاڙ، هاريل، ضايع ٿيل.
Absent, hidden, secret, hide, meta, vanished.
بيتن ۽ وائين ۾
- وَرُ سا ڪارِي راتِ، جَنھِن ۾ راھَ گُمُ ٿِئي، ھِيءُ پُڻ وَڃي وِسَرِي، نَہ ڪا ھُنَ جِي تاتِ.[ سُر کاھوڙي - سَپ، جهنگُ، ڪُتي ڪوڪار ]
- ڪِيرَتِ راھَ گُمُ ڪِي، ڄاڻَ وِڃايو ڏاڻُ، جَي سُڃاڻين پاڻُ، تَہ سَڀوئِي سُبحانُ ٿِيين.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]