گهُران بابت
معنيٰ
هٿ ٽنگيان، سوال ڪيان، منگان. وٺان، گهُرَ ڪريان، پُڇان، چاهيان، پسند ڪيان، خواهش رکان، طلبيان، اڇا ڪيان.
Asking, begging, requesting, demanding, wanting.
بيتن ۽ وائين ۾
- جي گهُران سي نانھِ، اَڻَ گهُرِيا لوءِ گَهڻا، مَنھُن ڀَرِيو ماڻُهين، مُون مَنُ مُوافِقُ ناھِ، تَنِ ڪِبو ڪانهَنِ، جَنِ گَڏِيي…[ سُر حسيني - وڳ قطارون ۽ ڪاروُن ]
- جو وِچان ويرِيَنِ آيو، سو مَڱَڻَھارُ مَ موٽاءِ، جا جِيءَ اَندَرِ مُون ڳالِهڙِي، سا پاندِ پَلَئِي مُون پاءِ، جو گهُران…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- ماڻُهو گُهرَنِ مالُ، آئُون سَڀَ ڏِينھَن گهُران سُپِرِين، دُنِيا تَنھِن دوسِتَ تان، فِدا ڪَرِيان فِي الحالُ، ڪِئو نامَ نِھالُ، مُون…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]
- مارُو گُهرَنِ مِينھَن، آئُون مارُنِ ميڙائو گهُران، ساڏوهِيُون ۽ سَرَتِيُون، هِنيين مَنجِهہ هُرَنِ، ھِڪُ لِڱَين لوھَ چُرَنِ، ٻِي وِنجُهلَ ويڙِهيچَنِ…[ سُر مارئي - مُونھان پوءِ ملير ]