ڪُنُ بابت
معنيٰ
ڇِڪَ ۾ پاڻيءَ جو چڪر. دريا جي پاڻيءَ ۾ ڦرندڙ اونهو هنڌ يا کوھ، درياءَ يا سمنڊ ۾ پاڻيءَ جو اونهو هنڌ، جتي پاڻي چڪر کائي، نڪونج، ميڙ، ڀير، گرداب،گهمرو، گهيرو، ڀَنوَرُ، ڦيرو، چڪر، ور پاڻي جو.
A whirlpool, eddy, vortex.
بيتن ۽ وائين ۾
- گهَڙو ڀَڳو تَہ گهورِئو، ڀَڄي تان مَ گهَڙِي، اُونُهون ڪُنُ تارِ وَھي، دَرياھَ پوءِ مَ دَڙِي، چِڪَڻِ مان چَڙِھي، مِلان…[ سُر سھڻي - پاڻ م کڻ، گهڙو ڀڳو گهورئو ]
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، جِتِ ڪَڙَڪا ڪُنُ ڪَري، توڏِي تاڪُنِ وِچَ ۾، وِيرِنِ مَنجِهہ وَري، آءُ ساھَڙَ مُنھِنجا سُپِرِين، پِرتان…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]