ڪُتَنِ بابت
معنيٰ
انسان جي قديم ترين دوست جانورن، ڀئونڪندڙ جاندار. ڪتا.
Dogs. Canine.

بيتن ۽ وائين ۾
- سَسُئِي پُڇَنِ سي، پارِئَلَ پُنُوھَ ڄامَ جا، وَڍِئو ويٺِي ڏي، ڪايا ڪيۡچَ ڪُتَنِ کي.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- ڪُتو ڪوٺائِين، ڪَرِين نَہ ڪارِ ڪُتَنِ جِي، ٽُڪُرُ کائِين سائِينءَ جو، بَھُڪين ڪُسائِين، سائِينءَ ڪِيئَن سِيبائِين، اُليڙَ اِنِ عادَتين.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]
- سَڳِبانَ سِينڍارِئا، بَڇِئا تي بَھَنِ، ڦِرِئا نَہ فَرمانَ کان، تَنِ مُلُهہ نَہ موتِيَڙَنِ، ڪونِهي ڏوھُ ڪُتَنِ، ڏاڪارِئا ڏاڙِهينِ ٿا.[ سُر معذوري - ڪتا ۽ ڪوھ ]