ڪوجَهنِ بابت
معنيٰ
بدشڪلن، بي ڊولن، خرابن، گدلن.
To the uglies, bads, not having good looking.
بيتن ۽ وائين ۾
- موري مُنھِن وَڏا ٿِئا، وَڍِئا تان نَہ وَڃَنِ، اَدِيُون اَناسَنِ، اِنِ ڪوجَهنِ کي ڪوھُ ڪَرِيان.[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- جُھڙَ تُنھِنجي جَهپِئا، ھَزارين حاتِمَ، ڪوجَهنِ سَندا ڪَمَ، ڪامِلَ ريءَ ڪيرُ ڪَري.[ سُر بلاول - مجوسِي، ڄام ۽ جادم ]
- صُبوحَ جو سُڀِراجُ، ڪَرِ داتا جي دَرَ تي، سَندو ڪوجَهنِ ڪاڄُ، آھي حاتِمَ ھَٿَ ۾.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]