ڏُونگرُ بابت
معنيٰ
رياست ڪڇ، شھر ھالار جي بھادر سخي سردار ابڙي سمي جي پٽ جو نالو. (جنھن پنھنجي پيءُ جي علاؤالدين جي ھٿان جنگ ۾ مارجي وڃڻ کانپوءِ ننڍي عمر ھوندي بہ علاؤالدين سان جنگ ڪئي.)
The name of the son of Abro Samo, the brave chieftain of Halar, Kutch state. (Who fought with Alauddin at a young age after his father was killed in battle by Alauddin.)
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏُکارو ڏُونگرُ، ڏِٺُمِ ري ڏوٿِيين، پَٻَ اورِئو ٿي پانھِنجو، اُنِهين سين اَندَرُ، ڇورو ٿِئو ڇَپَرُ، ڀيرو کاھوڙِيَنِ ڀَڳو.[ سُر کاھوڙي - ڏوٿِي، ڏُٿ، ڏُونگر ]
- ٻِئَنِ مِڙَنِي ڏِنِيُون، ڏي نَہ ڏُونگرُ راءُ، اَڻَ ڏِٺِيين آڏو ڦِري، ڏِٺِيُون ڏي ڪِئا، لوڙِيُون لَکَ مَٿان، اِنَ مَٿيري موٽايُون.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]