ڏانُ بابت
معنيٰ
دانُ، خيراتُ، بيکَ. انعام، بخشش، سوغات، ڏاتِ، سُوکِڙي، ڏالِي.
Giving, presenting, offering, gift, alms, charity, donation, grant.
بيتن ۽ وائين ۾
- پَرَديسان پَنڌُ ڪَري، سُڻِي آيُسِ شانُ، مَڱان ڪِھَڙِيءَ مَتِ سين، آئُون نِسورو نادانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - سائل در آئيو ]
- ڪَٽي سِرُ ڪَٽارَ سين، ٺَهرايائِين ۾ ٺارَ، ڪوڙيِين ڪِيرَتِيا آيا، حاڪِمَ حُڪمدارَ، سَوين سُوالي آيا، بابُو، بيکَڻَدارَ، سَڀَ ڏَگمَگِئا ڏاتارَ،…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڏِنوءِ تان ڏانُ، راکِيُئِي تان رَکَ ٿِئي، تَوَذَلَ تُنبو ڪِينِرو، تَندُنِ اِھوئِي تانُ، سو ڪو ڏِيارِيھُون ڏانُ، جو طَمَعَ کي…[ سُر سورٺ - ماتام ۽ موڪلاڻي ]
- جکَري جِھو، نَڪو سَمُو سِنڌُ ۾، وائِي جَنھِن جي واتَ ۾، ڏِئو ۽ ڏِئو، اَلا اَچي ڪو، ڏَڏُ وَڏو ڏانُ…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڏَڏُ وَڏو گهُري، ھوتاڻِيءَ ھَٿان، سَمي سَخاوَتَ جو، گِيرَبُ نَہ گاءُ، جاءُ وَھِلو آءُ، ڏي ڏانُ ڏَڏَنِ کي.[ سُر بلاول - جکرو جوان ]