چَڱائِي بابت
معنيٰ
سُٺائِي. چوکائِي. ٺيڪائي. نيڪي، چاقائي.
Goodness, virtue, betterhood
بيتن ۽ وائين ۾
- اَگِهي اَگهائِي، رَنجُ پِريان کي رَسِئو، چَکِئَمِ چَڱائِي، سورانگهي سُورِيءَ کان.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- توکي ڌَڻِينَ ڌارِئو، ڪَرَھا ڪَرِ ڪَمائِي، تُنھِنجِي سُڌِ سَرواڻَ کي، آھي مَعلُومُ مِڙيائِي، ڪَرِ چانگا چَڱائِي، تَہ اَچيئِي ڪَمِ ڪَشالَ…[ سُر راڻو - ڏِيئا، تيل ۽ مھمان ]