چَنبَنِ بابت
معنيٰ
ڪنھن بہ جانور يا پکيءَ جي پيرَن. پَنجن. پنجئي آڱرين سان. چَنگَلن، هٿ سان هنيل ڌڪن.
Clawss, talons, grasps, pounces, handful, slaps.

بيتن ۽ وائين ۾
- آڻي جهوڪِئا جهوڪَ ۾، مِزمانَن مَھِرِي، چاٽِي چَنبَنِ ۾ وِئا، جِيئَن بازُ سٽي بَحِرِي، ڪوھِيارو قَھَرِي، وِئو نِھوڙي نِنڊَ ۾.[ سُر ديسي - جت، اُٺ ۽ ڌاريا ]
- وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا رَھِي نِمازَ، ھِينئَڙو بَحرِيءَ بازَ، چوري ڪِئو چَنبَنِ ۾.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]
- تان ڪِي ٻاٻِيھَلَ ٻولِ، سِيچاڻِي ٿو سَنبَھي، عِزرائِيلُ اللهَ جو، ٽَري ڪَنھِن نَہ ٽولِ، مَٿي چَڙِهي مولِ، چورِيندُءِ چَنبَنِ سين.[ سُر ڪارايل - پاڙون پاتار ۾ ]