چَنبيلِي بابت
معنيٰ
ٻانِهِي، گولِي. هڪ خوشبودار ٻُوٽي ۽ گُل جو قسم.
Maid, servant. Name of a flower Jasminum Grandiflorum, jasmine.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪيچان آيو قافِلو، ڀَليرو ڀايان، پَڻِي جا پيرَنِ جِي، لِڱَنِ کي، لايان، چَنبيلِي چايان، جَي مُون نِيو پاڻَ سين.[ سُر ديسي - ڪيچان آيو قافلو ]
- ڏُونگَرَ تان ٻيلِي، ڏِجي ٻَنِ ٻيلِيَنِ ري، سا ڪِيئَن وِھي ويسَرِي، سُورَنِ سَھيلِي، چوٽِي چَنبيلِي، جِيئَن تِيئَن جهاڳي اُکَتِي.[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]