پُڇِئائُون بابت
معنيٰ
پُڇا ڳاڇا ڪيائون، سُڌ سماءَ ورتائون. خبر چار لڌائون. ڏس پتو ورتائون. جاچ جُوچ ڪرايائون، ڳولا ڦولا ڪرايائون. ڏس پتو معلوم ڪرايائون. سوال ڪيائون.
Asked, inquired, interrogated.
بيتن ۽ وائين ۾
- عِشقَ جي اَسبابَ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، دارُون ھِنَ دَردَ جو، ڏاڍو ڏَسِئائُون، آخِرُ والعَصرِ جو، اِيھِي اُتائُون، تِھان پوءِ…[ سُر ڪلياڻ - عشق ۽ معشوق ]
- جيڪِي ڏِنائُون، سو مان ڳُڻُ ڳَنڍِ ٿِئو، مُون کي پُڇِئائُون، ٺوڪي اِنَهِيءَ ٺوڪَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - پريم پاٺ ]
- تاڃِي تورِيائُون، نَہ عَيبَ نِکَتا اَڳِيان، ڪوٺي ڪاپائِتِيَنِ کي، پَرِ ۾ پُڇِئائُون، اَگَلِي آيُون، مُون کان ڀِڙا ڀَڳا نَہ ٿِئا.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]