پُٺِيرو بابت
معنيٰ
پُٺِي ڏيئي ويٺل يا بيٺل. پٺيان، پويان. بي دليو.
On the back. Backwards, to the rear. From the rear.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاقِي ٿِيءُ اُسِتادَ سين، پُٺِيرو پِيران، ڪَنِ مَ ڪِجِ ڪاپَڙِي، جيڪِي چَويئِي ماءُ، تَہ راوَل مَٿي راھَ، اُجُرِي اَڇو ٿِيين.[ سُر رامڪلي - الله، آدم، جوڳي ۽ سنياسي ]
- اَکِ اُلِٽِي ڌارِ، وَنءُ اُلِٽو عامَ سين، لاھُئارو لوڪُ وَھي، تُون اُوچو وَھُ اوڀارِ، مَنجهان نُوچَ نِھارِ، ويھُ پُٺِيرو پِرِينءَ…[ سُر آسا - نيراني اکڙيون ]