پاٺُ بابت
معنيٰ
پڙهائي، سکيا، تعليم. سبق، دَرس. ڌرمي ڪتابن جو دؤر. ڳائي پنندڙ فقير.
Reading, perusal. Repeating prayers.
بيتن ۽ وائين ۾
- پاٺُ پِھرِينءَ راتِ ۾، ڳَڙَه پاسي ڳايو، پِئو غُلغُلو گِرنارَ ۾، اِي عَطائِي آيو، سالِڪَ سازَ سُرودَ سين، ڪِي جَو…[ سُر سورٺ - سائل گهُري سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پاڻُ، ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو وَڏاڻُ، راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ چوري سازُ…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- جاجِڪُ جُهونا ڳَڙَه ۾، پَسُ پاٺُ آيو پيھِي، ڪَڍِي ڪامِلَ ڪِينِرو، وَڄايو ويھِي، راڻِيُون رُونِ رَتُ ڦُڙا، ھِيءُ تَندُ ھَڻِي…[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]
- پَسِي پاٺُ پُرِ ٿِئو، سَندو جادَمَ جُودُ، مَڱَ وِھاڻِيءَ مَڱڻا، مَٿو ھِينئَرَ مَوجُودُ، بَلڪِ آھي بُودُ، ناقِصِي نابُودَ ۾.[ سُر سورٺ - حاضر آھي سِر ]