پاٺَ بابت
معنيٰ
پڙهائي، سکيا، تعليم. سبق، دَرس. ڌرمي ڪتابن جو دؤر. ڳائي پنندڙ فقير.
Readings, perusals. Repeating prayers.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين سَرِ، ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ، ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ھئَي ھئَي ڪِئو ھَٿَ ھَڻان، جوڳِي وِئَڙا جاٽَ، پيھِي وِئا پاٺَ، آئُون نَہ جِيئَندِي اُنِ ري.[ سُر رامڪلي - آءٌ نہ جِيئندي ان ري ]
- مُنجِهي ويھُ مَ مَڱڻا، ڪَنجِهيَنِ لاھِ ڪَسُ، ٻيلي ۾ ٻاجهُون ٿِيُون، رِڙھِي رُونجهاڻِيءَ رَسُ، پاٺَ پَھرئا پَسُ، ڏَڏَنِ ڏاتِيُون لَڌِيُونۡ.[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جاجِڪَ ڄاڻَنِ جَا، سا پَرِ آئُون نَہ سِکِئو، پاٺَ نَہ نِينِمِ پاڻَ سين، سَڳا جٖي سِياءَ، سُڻُ رُونجهاڻِي راءَ، تو…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]
- جاجِڪَ جيڏا پَسُ ، وِئا سَوار سازَ کَڻِي، تو سَرَتا تو سَم گِئا، پاٺَ پَرَھِئا پَسُ، تو گِهرَندِيءَ مَسُ، لَڄَ…[ سُر جاجڪاڻي - سٻڙ، سيڪڙو ۽ مڱڻھار ]