ٻُوۡرُ بابت
معنيٰ
نوجوان يا نويل اُٺ.
Young camel.
بيتن ۽ وائين ۾
- آئُون اُڪَنڊِيائِي مَران، پِرِين ڀَلا پَرَ ڏُورِ، ٻاٻَلُ ڏي نَہ ٻُوۡرُ، پَنڌَ نَہ جوڳِي پِيَڙِي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- ٻُوۡرُ نَہ چَري ٻُورُ، پَسِئو تُورُ تَڪُون ڪَري، مُونين ھَڻِي موٽِئو، ڪَرَھو راتِ ڪَپُورُ، مَيو ٿِئو مَعمُورُ، چَندَنُ چکِي آيو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اَڃا ٻُوۡرُ ٻِھاڻُ، ڌَڻِيَنِ ھَٿِ ڪِئو، سازُ مِڙيوئِي سونَ جو، مَٿِسِ پاڪُ پَلاڻُ، پِرِين چَڙھَندو پاڻُ، والِي ٿِيندو وَڳَ جو.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- اُڀِرُ چَنڊَ پَسُ پِرِين، تو اوڏا مُون ڏُورِ، سَڄَڻَ سُتا وِلَهہ ۾، چوٽا ڀَري ڪَپُورُ، پيرين آئُون نَہ پُڄَڻِي، ٻاٻَلُ…[ سُر کنڀات - چنڊ ]