وِھارِيين بابت
معنيٰ
رُڌل رکين، ڪو ڪم عطا ڪرين، مقرر ڪرين، طئي ڪرين، بيھارين، ھٿيڪو ڪرين.
Fix, affix, depute, post, assign.
بيتن ۽ وائين ۾
- تُون حَبِيبُ تُون طَبِيبُ، تُونھِين ڊَٺنِ ڊَبُ، تُون ڏيِين تُون لاھِيين، تُونھِين ھادِي رَبُ، آھِمِ اِيءُ عَجَبُ، جِيئَن وارِئو ويڄَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - حبيب ۽ طبيب ]
- تو ڪوٺي تو ڊوھي، ڏِنو تو ڏُھاڳُ، دوسِتَ تُنھِنجو داسَڙا، دِلِ اَندَرِ مُون داڳُ، ڀانيان سَڀَ سُھاڳُ، جَي مُون کي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- جي مُون کي وَرَ وِھارِيين، مَٿي ھَٿُ ڏيئِي، پاڙي ۾ پيئِي، ھُوندَ ڪانڌَ ڪَمِيڻِي گهارِئان.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- ڏيئِي جَي ڏُھاڳُ، مُون کي وَرَ وِھارِيين، مُون کي تُنھِنجو سُپِرِين، سَڀوئِي سُھاڳُ، اَجهو تُون آڳُ، وَڏو آھِينمِ وَلَها.[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- اَندَرِ وِھارِيين ڪانءُ، ٻَھَرِ ٻولِي ھَنجَ جِي، اِھَڙو ٺَلهو ٿانءُ، ڀَڃي ڀورا نَہ ڪَرِيين.[ سُر آسا - پاڻ پردو پاڻ ]