وِردَ بابت
معنيٰ
نيَم، معمول، وظيفو .دائمي ڪم، هرروز جو ڪم، هرروز بنا ناغي وارو ڪم.
Repeated prayers, sacred chanting, chanting, incantations, recitation of the Qur'anic verse or a litany at a fixed time or in a fixed number.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَنِ لاءِ جِهڄَنِ نيڻَ، تَنِ پَرَڏيھِ پُورِيو، آيَلِ سامُونڊِيَنِ ري، کارا ٿِيَمِ کيڻَ، وِردَ ٿِئڙَم ويڻَ، آيَلِ سامُونڊِيَنِ جا.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- ضادَئُون ضَلالَتَ کان، پاڻان وِئا پَري، مَنجِهہ مُراقِبي مَشغُولُ ٿِئا، ڪامِلَ قَلبَ ڪَري، مالَها پُوتَئُون مَنَ جِي، پَڙَهنِ وِردَ وَري،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- وِردَ وَظِيفا وِسَرِئا، نَہ ڪا رَھِي نِمازَ، ھِينئَڙو بَحرِيءَ بازَ، چوري ڪِئو چَنبَنِ ۾.[ سُر آسا - آئون، تُون، روزا نمازُون ]