واڳُنِ بابت
معنيٰ
گهوڙي جي مھارن، اٺ جي مھارن، رسين، ٻنڌاڻن، نوڙين، چم جي پٽين جيڪي لغام ۾ لڳن. ڏورين.
The reins of a bridle, halters.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَڄُ اَچَڻَ ويرانِ، جاڳو نيڻَ مَ سُمهو، رِڪابين پيرانِ، واڳُنِ مَٿي ھَٿَڙا.[ سُر کنڀات - چنڊ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا، مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ، ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا،…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا، وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ، اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]
- ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ، جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ، ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ…[ سُر ديسي - جَت نہ مِٽَ ]