واڳُنِ جي سنڌي معنيٰ
گهوڙي جي مھارن، اٺ جي مھارن، رسين، ٻنڌاڻن، نوڙين، چم جي پٽين جيڪي لغام ۾ لڳن. ڏورين.
ذريعو:ڀٽائي پيڊيا
English Meaning
The reins of a bridle, halters.
واڳُنِ جا بيتن ۾ حوالا
جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِئان ڌارِئين ڏيھَ جا،
مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ،
ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا، پَرِيُون ۽ پَھَتَ،
ھُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳَوڙانِ پُڄِئو روئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 11 ]
مُنڌَ نَہ ھُئِي مائِٽي، جَنِي ساڻُ جِھَتَ،
ڪيچِيَنِ مُون سين ڪِينَ ڪِئا، پَرِيُون ۽ پَھَتَ،
ھُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳَوڙانِ پُڄِئو روئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 11 ]
جَتَ نَہ ڀائِي رَتَ، ڌارِيان ڌارِئِين ڏيھَ جا،
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ،
اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُوئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 12 ]
وَٺِي وَرُ واٽَ ٿِئا، بِروھِي بُرفَتَ،
اُنِ جا مَٿي واڳُنِ ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُوئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 12 ]
ناڪيلِيُون نَڪَنِ ۾، ھَلِئا ساڻُ ھِمَٿَ،
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 13 ]
جِيءُ مُنھِنجو جيڏِيُون، وَڃَنِ جهورِيءَ وِجهئو جَتَ،
ھُنِ جا واڳُنِ مَٿي ھَٿَ، آئُون پاڳوڙانِ پُڄِئو رُئان.
[ سُر ديسي، جَت نہ مِٽَ، 13 ]
English Meaning
The reins of a bridle, halters.