واسِينگَ بابت
معنيٰ
ڪاري نانگ جو هڪ قسم، ڪاريھر، وسيھر. زهري سپ.
A species of black snake.
بيتن ۽ وائين ۾
- گُلِتانَ جَھِڙِيُون گُجَرِيُون، اَرَمَ اوڍئائُون، جوٽا تيلَ ڦُليلَ سين، واسِينگَ ويڙھِئائُون، سُتِي لوڪَ لَطِيفُ چئَي، رَڻُو رانيائُون، سو موٽِي ڪِيئَن…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]
- سَنَها ڀانءِ مَ سَپَ، وِياءَ واسِينگَنِ جا، لَتاڙِئا لَطِيفُ چئَي، چُرِئو ھَڻَنِ چَڪَ، جَنِي جِي جَهڙَپَ، ھاٿِي ھَنڌان نَہ چُري.[ سُر ڪارايل - سَر، اوطاقون ۽ نانگ ]