مَتِوالو بابت
معنيٰ
مستيءَ وارو، مَست، چَريو، مستانو، اَنَمَتِ، پاڳَلُ، کِيو، ديوانو، اَنانُ، مجنون، سودائي، خَقاني، دماغ ڦِريل، وائيسر ڦريل، جُنوني. مدهوش، مخمور، خماري، مؤجِي.
Insane, mad, an idiot, intoxicated.
بيتن ۽ وائين ۾
- صُورَتَ سَندِيَنِ سالَ، پاڻَ مُصاحِبَ سُپِرِين، مَولا ڏِنَنِ مُنھَن ۾، نُورِي نيڻَ نِھالَ، سَندي خُوابَ خِيالَ، مُون مَنُ مَتِوالو ڪِئو.[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]