ماڻِڪَنِ بابت
معنيٰ
موتين، مڻينِ، گوهرن. جواهرن جا هڪڙا قسم، رتنن، لالن، لعلن، ياقوتن. هيرن.
Gems, rubys, diamonds.

بيتن ۽ وائين ۾
- اَگهِئو ڪائو ڪَچُ، ماڻِڪَنِ موٽَ ٿِي، پَلَئِہ پايو سَچُ، آڇِيندي لَڄَ مَران.[ سُر سريراڳ - صراف ۽ جوھري ]
- ڪي اوبِينِ عَرَبَ ۾، ڪي ڪابُلَ مَنجِهہ ڪَتَنِ، سُٽُ اُنِهين جو سَفِرو، مَٽِئو ماڻِڪَنِ، قادِرَ ڪِينَ ڪَڍَنِ، ٿيلِهي ٿُلِهي وارِيُون.[ سُر ڪاپائتي - چائت ۽ محبت ]