لِکِئا بابت
معنيٰ
لکجي ويا، تحرير ٿي وئا، داخل ٿي ويا، شامل ٿئا، درج ٿي وئا.
Written, enlisten.
بيتن ۽ وائين ۾
- ايڪُ پِيالو ٻَہ ڄَڻا، عِشقُ نَہ ڪَري اِيئَن، لِکِئا جٖي لِکڻَ ۾، قُرِبَ رَسَندا ڪِيئَن، ھُئَڻَ ڪِئا ھِيئَن، وانجِئا پَسُ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- مِڙِي سُورَنِ وارِيُون، ڪَرِئو سُورَ پَچارَ، مُٺِ مُٺِ سُورَنِ سَڀَ ڪَنھِن، ڪانِهي سُوران ڌارَ، ڪَرَمِ لِکِئا ڪاپارِ، سي مُوران موٽَنِ…[ سُر حسيني - سُور ۽ ڏکن ماري ]
- ڪانگا ڪِتابَتَ جِي، آندِيَئِي خُوبُ خَبَرَ، لَسَ تَنھِن ۾ لِکِئا، دِلِاسا دِلبَرَ، ھِينئَڙو مُون ھَرَ ھَرَ، واچِئو واچِئو وِندُري.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ٿُلُهو ٿو ٿُونا ھَڻين، مَتو آھِين مَڇَ، بابَ تُنھِنجي رَڇَ، لِکِئا لوحَ قَلَمَ ۾.[ سُر گهاتو - ڪو جو قھر ڪلاچ ۾ ]