لَنڊِيُون بابت
معنيٰ
رنڊيوُن، چڪلائڻيون، اؤباش عورتون، نالائق، بدڪار عورتون، چڪلي ۾ ويٺل عورتون، ڪمينيون.
Prostitutes, call girls, sex workers.
بيتن ۽ وائين ۾
- لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ ڏِھاڙِي ڏيھَ کي، ڪِبو ڪوھُ سَتِنِ، جٖي ڍَڪِئو ڍَڪِين پاڻَ کي.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- لَنڊِيُون لَکَ جِيَنِ، جٖي ڏِينِ سِرُ سَڀَ ڪَنھِن، سَتِيُون سَڀَ مَرَنِ، جٖي وَرَنِ ساڻُ وِنگِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- لَنڊِيُون ھِنَ لوڪَ ۾، مَرُ ھَزارين ھُونِ، اَٺَئِي پَھَرَ اَڱڙا، ڌويو ڌويو ڌُوَنِ، پيرَ پَٽِ نَہ پُونِ، اُنِ جا عَبدِالْلَطِيفُ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، تَنِي لَڳي مَ ڪَسُ، جٖي اِيندَنِ ويندَنِ سَندِيُون.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- تَنِ جيسَرَمِيرِياڻِنِ جَسُ، جٖي لِلهِ ڪارَڻِ لَنڊِيُون، لالائِيءَ جِي لَطِيفُ چئَي، ڪا نَہ رَھِيَنِ ڪَسُ، ھِتِ بِہ رَھِيُنِ رَسُ، ھُتِ…[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]
- جيسَرَمِيرِياڻِيُون جَڳَ مان، لَڏي وَيُون لوءِ، ھاڻي ھِنھان پوءِ، لَنڊِيُون رَھَنِ لَبَ ۾.[ سُر معذوري - ڪاڪل ۽ جيسرميرياڻيون ]