سُڪارُ بابت
معنيٰ
سُڪَرُ، چڱو وقت، آبادِيءَ ۽ فراوانيءَ وارو عرصو، خوشحالِي، سَھانگائي، سَھَنجائِيو. جَهجهائي، گهڻائي.
Prosperous, richness, period of happiness and greenery.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏُکِيءَ توءِ ڏُڪارُ، توڙي وَسَنِ مِينھَڙا، صاحِبَ ھَٿِ سُڪارُ، ھِنَ وَسِ آھِينِ ھَٿَڙا.[ سُر معذوري - ڏُکِيءَ ڏک ]
- تَنِ وَنھِيَنِ ويڙِهيچَنِ ۾، سَدائِين سُڪارُ، چُونڊِئو آڻي چاڙِهيُون، سَندو ڏَؤُنرَنِ ڏارُ، جَنِ جو ويڙِهيُنِ سين واپارُ، سي ڏوٿِي ھُونِ…[ سُر مارئي - مارئي ملير جي ستي سيل ]