سَنڪو بابت
معنيٰ
ڊپ، ڀؤ، ڊڄ. اُڍڪو، ڳڻتي، فڪر. انتظار، اُڻتڻ.
Fear, anxiety
بيتن ۽ وائين ۾
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، ٿِئو سَنڪو شَھزادَنِ ۾، ڄاڻي ھيڪُ اللهُ، پاڻَ وَڻَندِيون جو ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- ڏِٺو مُحَرَمُ ماهُ، سَنڪو شَھزادَنِ ٿِئو، مَڪي مَدِيني ماڻُهين، رُنو مَٿي راھَ، تَنھِن واحِدَ کي واھَ، جو حُڪُمَ ھِھَڙائِي ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - ڏٺو محرم ماھ ]
- گُوندَرَ گَبَرِيُنِ ۾، سامِي سُورَ سِبَنِ، ڪَنھِن جَنھِن ڪيفَ ڪَڪورِئا، کُنجِئو کَڻَ ھَڻَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- ڪَنھِن جَنھِن کيپَ خُمارِئا، ڀَوَرِئا ڀُوڻَنِ، ڳالِهيُون ڳَھِلي لوڪَ سين، پَڌَرِ پَئِي نَہ ڪَنِ، سَنڪو سَناسِيَنِ، آھي پُورَڀَ پَنڌَ جو.[ سُر رامڪلي - ڪن ڪٽ ڪاپٽ ڪاپڙي ]
- مارُوءَ جي مَذڪُورَ جِي، سُڌِ نَہ سُومَرِيَنِ، سَنڪو ناھِ سَرِيرَ ۾، تي اَلبيلِيُون اُٿِيَنِ، سَتُرُ جي سِکَنِ، تَنِ ويڙِهِيچو وُجُودَ…[ سُر مارئي - کائر ڏانھن کڻي وئا ]