سوڍَلَ بابت
معنيٰ
مُومل جو مڙس. مينڌرو، ”راڻو سوڍو“، مومل راڻي جي ڪھاڻي جو هيرو.
Nickname of Rano, calling name with love by Moomal to Rano, Sodho
بيتن ۽ وائين ۾
- ڍاٽِي گَهڻا اَچَنِ، مَنُ سوڍَلَ وِندَسِئو، ڪا جَا لائِي مَينڌَري، لالِي کي لِڱَنِ، راڻو اَکَڙِيُنِ، ڪَنھِن قَولِ نَہ وِسِري.[ سُر راڻو - چندن، لوڊي، ڪاڪ ڇڏڻ ]
- سِڄُ صَباحِين جا ڪَري، سامِيءَ سا وَڻِڪَ، سَھِي نَہ سَگهان ساعَتَ سين، تَنِ راسِينِ جي رَونَقَ، ڪِ رَتِيَئي لاکَ سين،…[ سُر راڻو - خابرو ڪاپڙي ۽ گُجر ]
- راڻا نَہ ڄاڻان، ڪِيئَن وِڏُوھِيين وَلَها، اَچِي ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پَرَچِي ڏي پاڻا، تَہ سوڍَلَ سِياڻا، ڳُجُهَہ ڳَرَھِئان ڳالِهڙِيُون.[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڪو اَچِي مُون چوءِ، اِجهو راڻَلُ آيو، تَہ پھرِين پيرين تَنھِن پَوان، پِرِينءَ گَڏِجان پوءِ، سوڍَلَ سانگُ سَندوءِ، اللهُ اوراھُون…[ سُر راڻو - ڪاڪ قاصد ۽ آسڻ ]