دِينُ بابت
معنيٰ
مَذهَب، مِلَت، ڌرم، پَنٿ. ايمان، عَقِيدا.
Faith, religion.
بيتن ۽ وائين ۾
- جَهرَڪِيُون ۾ جِيلانَ، ڪِيائُون مِيران جو مُجِرو، جِتي غَوثُ بَھاؤالدِينُ، اُتِ مَرَڪِيُون ۾ مُلتانَ، اَچِي اُچَ اُکَتِيُون، ڪِيائُون پُرِ پُراڻِ،…[ سُر سارنگ - آگمجڻ ]
- نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان ڀَڳوانَ بِنان رَحمانَ، پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ڦِرِئا پَسِي ڦِيڻُ، کَرِئَنِ کِيرُ نَہ چَکِئو، دُنِيا ڪارَڻِ دِينُ، وِڃائي وِلَها ٿِئا.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]
- مَرَڪِئو مَدِينو، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، ڪُفرُ ٿِئو ھِيڻُو، وَڌِيو دِينُ رَسُولَ جو.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]