دُونھون بابت
معنيٰ
دکندڙ، باھ مان نڪتل ڪاري هوا، دونھَن، دُودُ، ڌنڌ. ڪاراڻِ، ڪارَٺِ. بُخار، ٻاڦ، اُٻَ. واسُ، ڌُوپ. ڪک، ڪَھَڄَرُ ۽ سُڪَلَ ڇيڻي جو باھ ڏنل ڍڳُ.
Smoke, fume, vapor. A smoking fire.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڀينَرُ ھِنَ ڀَنڀورَ ۾، دوزَخَ جو دُونھون، سَوارو سُونھون، پُڇِي پُورِجِ سَسُئِي.[ سُر حسيني - بُرو ھو ڀنڀور ]