بَرِڪَتَ بابت
معنيٰ
جهجهائي، واڌ، زيادتي، ڪثرت، گهڻائي. دعا، آسيس. ڀَلائِي طُفيل، وسيلو.
Blessing, prosperity, good fortune, copiousness, excellence.
بيتن ۽ وائين ۾
- ٻانَهپَ جو ٻيڙِيُنِ ۾، وَکَرُ وِڌائُون، موتِي مَعرِفَتَ جا، سَچا سودِيائون، اَلتَّائِبُ مِنَ الذَّنْبِ ڪَمَنْ لَّاذَنْبَ لَهٗ ، اِي کَٽَ…[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- ڪَرَ ڦُلَ ڦوٽا پارِچا، اوتِيائُون عَنبِيرَ، مَهِنديين مُهِري مُصطَفيٰ، اولي ويھُ اَمِيرَ، لَنگهائي لَطِيفُ چئَي، اَڳِيان سُڄي سَمُنڊَ سِيرَ، بَرِڪَتَ…[ سُر سريراڳ - اجگر لھرون ۽ جھاز ]
- سِڙَه سُڃاڻِيو چوءِ، ماءَ سامُونڊِي آيا، بَرِڪَتَ مُحَّمَدُ مِيرَ جي، اَڱڻُ سُرَھو ٿِيو، سِڪَندي مُون سالَ ٿِئا، وَڻِجارو آيو، ماڻُهو…[ سُر سامونڊي - وايون ]