اُلُفَتَ بابت
معنيٰ
پيار، محبت، حُب، قرب. پريت، دوستي.
The love, affection, longing, friendship.
بيتن ۽ وائين ۾
- الِفَئُون آديسِيَنِ کي، سَدا سُورَ چُرَنِ، اَندَرِ تَنِ آديسَ جا، مَحَبتَ مَچَ ٻَرَنِ، اُلُفَتَ عَزِيرِي ناھِ ڪا، نَڪِي جَهنگِ ھَلَنِ،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- تَنِ اَکَڙِيُنِ آئُون اَڙائِي، ٻَڙِي جيڏِيُون، ڪَنھِن دَرِ ڏِيان دانھَڙِي، ڦِڪِيُون ڏيئِي ڦَڪِيُون، ويڄَنِ آئُون وِرچائِي، حُسُنَ ھوتَ حَبِيبَ جي،…[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ٻي دَرِ وانءُ مَ ڪيڏانھِين، جو تُون ڄامُ مَڱَندين مَڱڻا، ڦيرِ مَ ڪَنڌُ ڪِياڙِي، ٿِيندِي حاجَ ھِنئائِين، ماڻِڪَ موتِي مالَ…[ سُر جاجڪاڻي - وايون ]