آڱِريون بابت
معنيٰ
آنگُشت لغت جي لحاظ سان آڱوٺي کان سواءِ هٿ يا پير جي باقي آڱرين مان ڪي بہ هڪڙيون. پنجن آڱريون، انگلي، انگشت
Fingers, a toes, the forefingers.

بيتن ۽ وائين ۾
- ڌَڙُ ڍُونڍِيان سِرُ نَہ لَھان، سِرُ ڍُونڍِيان ڌَڙُ ناھِ، ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، وِئا ڪَپِجِي ڪانھَن، وَحدَتَ جي وِھانءِ، جٖي وِئا…[ سُر ڪلياڻ - يڪتائي ]
- لَڪَڙِيارِيُون آڱِريون، ٻاروچاڻُو ڀيرُ، اَچِي پَسو جيڏِيُون، تازو پُنهونءَ پيرُ، ويچارِيءَ سين ويرُ، جَتَنِ جيڏو ئِي ڪِئو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]
- ڪوھُ ڄاڻان ڪوھُ ٿِئو، ڪيڏانھَن ٿِي وَڃان، ھَٿَ ڪَرايُون آڱِريون، موڙِئو سَڀَ ڀَڃان، ٻِيَنِ گهَرِ ڳَڃان، مُون ھارِيءَ ھوتُ وِڃايو.[ سُر حسيني - لَڪ لَڪيُون ۽ ڪُٺل ]