آوازَ بابت
معنيٰ
شين جي پاڻ ۾ لڳڻ جو پڙلاءَ، اهڙو پڙلاءَ جو ٻڌڻ ۾ اچي. ڳالهاءَ. آلاپ. تنوار. سَڏُ. هَڪَلَ. پُڪار. ندا. هُل، گوڙُ. سُوال، صدا. ڪڙڪو. کڙڪو. چيچاٽُ. ڦھڪو. گُونجَ. (اصل لفظ سنڌي: وِڄُ، واڄ، فارسي: واز، آواز.)
A sound, noise, voice.
بيتن ۽ وائين ۾
- جُتو وانءُ جَھازَ، گَڏِئو غُرابَنِ سين، پُورِيندي ھُنَ پارَ ڏي، سَڌَرَ کَڻِجِ سازَ، اَچَنِ ٿا آوازَ، سَٽاڻي سَمُنڊَ جا.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- صائِمُ سِڪي جِيئَن، اَذانَ جي آوازَ کي، مُون تَنَ اَندَرِ تِيئَن، اُڪَنڊَ اَباڻَنِ جِي.[ سُر مارئي - ڪن فيڪون ۽ قيد ]