ھِڪِڙِي بابت
معنيٰ
ھِڪَ، اڪيلي.
One.
بيتن ۽ وائين ۾
- عاشِقَنِ اللهَ جِي، وائِي نِتُ وَڻِي، ھِڪِڙِي ڳالِهہ سُڻِي، سوگِهي رَکِئائُون ساھَ سين.[ سُر يمن ڪلياڻ - سِڪ ۽ عاشقي ]
- دُنِيا سَڀَ دَرياھُ، ڪو ڪو تارُو تَنھِن ۾، ھِڪِڙِي لَھَرِ لوڀَ جِي، ٻِئو آتَشِي اوڙاھُ، طالِبَنِ توڙان، موڙي چاڙِھِيون مَڪُڙِيُون.[ سُر سريراڳ - جيون ۽ جھاز ]
- ڪوڙيِين پُڇَنِ ڪيچُ، ھوتُ پُڇي ڪا ھِڪِڙِي، جَنِ جو پُنهونءَ سين پيچُ، سي پاڻِهين ٿِيندِيُون پَڌِرِيُون.[ سُر آبڙي - ڳول سندو پاڻ ]
- اَمَڙِ جَي ڏِٺوءِ، مُون جِيئَن ھوتُ اَکِيُنِ سين، چَرَکو چِيھاڙِيُون ڪَري ڀيري ھُوندَ ڀَڳوءِ، آتَڻِ رَتُ رُنوءِ، تَندُ نَہ ڪَتِيَئِي…[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- پَسَڻَ ڌاران پِرِينءَ جي، تَفرَقو طُورُ، جَي نَظَرَ ۾ نُورُ، تَہ مِھتِ مَڙِهي سَڀَ ھِڪِڙِي.[ سُر آسا - من، گولو ۽ جنڊ ]