ھِڪِڙي بابت
معنيٰ
ھِڪ، اڪيلي، ڇڙي
One.
بيتن ۽ وائين ۾
- نَوَ نِيَرَ ڏَھَ ڏاوِڻِيُون، پَنِرَھَ پَئِندَ پَياسِ، سَڄَڻَ يادِ پِياسِ، ڇرڪِ ڇِنائِين ھِڪِڙي.[ سُر کنڀات - ڪرھو، چانگو، اٺ ]
- جيڏِيُون مُنھِنجي جِيءَ سين، راڻي رِڻُ ڪِئو، قَلبُ ڪاڪِ ڪَنڌِنِ ۾، پُرزا ٿِي پِئو، ٻُجهان ٻِيءَ وِئو، ھِنيُون ھَنڌِ نَہ…[ سُر راڻو - راڻو راحت، رُٺو ڪاڪ ]
- ڀيرِيُون ڀيري ڀَڃُ، ھي جي مَنجهان پورِيُون، ٻي دَرِ ڪَنھِين مَ وَڃُ، ريءَ ھاشِمِيءَ ھِڪِڙي.[ سُر بلاول - سمو سلطان ۽ ابڙو ]