ھُڳاءُ بابت
معنيٰ
آواز، پڙلاءُ، سُڳنڌ.
Noise, echo, fragrance.
بيتن ۽ وائين ۾
- دَھشَتَ دامَ دَرياھَ ۾، ھُنَ ڀَر ھُوءِ ھُڳاءُ، لَٽي وييُون لَهرِيُون، مَوجُون مُون مَٿا، ساھَڙَ ڄامَ سَواءِ، ڪونِهي تُرھو تارِ…[ سُر سھڻي - دھشت دام درياھَ ]
- لَڳِي ڪوسو واءُ، لوڪُ مِڙيوئِي لهسِئو، اُڀَنِ مَنجهان آيو، ھئَي ھئَي جو ھُڳاءُ، طَيُورَنِ تَنوارِئو، پُنهونءَ پُڄاڻاءُ، رَسِئو سُورُ شَبانَ…[ سُر آبڙي - ويھُ مَ مُنڌ ]
- ڪَرِڙا ڏُونگَرَ ڪَھَ گهَڻِي، جِتِ ھيبَتَ ھُوءِ ھُڳاءُ، رَھِئا راتِ لَطِيفُ چئَي، لَڪَنِ ۾ تو لاءِ، پَرَوَرَ ڄامَ پُڇا ڪِي،…[ سُر ديسي - ڪرڙا ڏُونگر ]
- ڀَرِئو ڍورَ تَراءُ، پيٺِيُون ڪوٽَ دَرازِئا، نَہ سي پاڻِيءَ وارِيُون، نَہ سو ھُلُ ھُڳاءُ، اَدِيُون آڳَڙِيا، کَڻِي ڪَنھِن کُوڻِ وِئا.[ سُر ڏھر - ڪنڊا، ڍور، پٽيھل اڪ ]