ھَچارو بابت
معنيٰ
قاتل، خوني، گهاتڪ، ظالم، قھار. وحشي، درندو، خونخوار، راڪش، دئيت. پاپي، ڏوهي، گنھگار، لعنتي، عيبدار. ذليل، بدنام، خوار. (ھنديءَ ۾ ھتيا)
A murderer, assassin, one who takes a life.
بيتن ۽ وائين ۾
- مُنھُن آھيريءَ جِيئَن اُجَري، قَلبَ ۾ ڪارو، ٻَھران زيبُ زَبانَ سين، دِلِ ۾ ھَچارو، اِنَ پَرِ ويچارو، ويجهو ناھِ وِصالَ…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]