ڳَھَرَ بابت
معنيٰ
ننڊ جو خمار، پنڪي، اوجهراڻي. نشي جو خمار، سستي، ڪر موڙ، آرس، آلس. بيھوشي. موڳائي.
Sleepiness, sleep, dozing. Drwosiness, stuper.
بيتن ۽ وائين ۾
- موکِيءَ سَندي مَٽَ ۾، ڪو جو زَھَرَ ذَرو، پِيئَندي پوشِيدَنِ، کي پِئڙو ڪو نَہ پَرو، مَٿو مَھايَنِ جو، ڪِئو ڳَھَرَ…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- گُنگا گَجِي ھَلِئا، مَيا ماٺِ نَہ ڪَنِ، اِنَ اوسِيئَڙي پَنڌَ جي، چِنُو نَہ چانگَنَ، ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ، توکي ڳَھَرَ…[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- توکي ڳَھَرَ ڪِئو، ھُو ٿا ھوتَ ھَلَنِ، ڳوڙِھا سِرِ ڳَلَنِ، جِمَ وِھاڻِيءَ وَھائِيين.[ سُر ديسي - ڏيرن ناھي ڏوھ ]
- تَنِ ڳُڻَنِ ڳَھَرَ وِڃائِي، ھو مائي جوڳِيَنِ مُون سين جي ڪِئا، ڪَري مَرِجِ ڪاپَڙِي، گُرَ وَٽِ تُون گَدائِي، اِشارَتُون اُنِ…[ سُر رامڪلي - وايون ]