گَتِ بابت
معنيٰ
عادت، خُوءِ، نيَم، ڍٻُ، دستور، وجھ، ڍنگ، علت، هير، رھ، پر، ريت، رسم، نمونو، وڻگ، طرح، وضح، طريق، طرز. اطوار، چال چلڻ، آچارڻ، رهت، شيوو، لڇڻ، ارڪان، سڀاءُ، خصلت، چال، روش.
Salvation. Motion, gait, pace, procedure, habits, ways, conduct, behavior. Habit, addiction, nature, disposition, conduct, behaviour, awareness, cognistion.
بيتن ۽ وائين ۾
- اِيءَ گَتِ غَواصَنِ، سَمُنڊُ سوجِهَيائون، پيھِي مَنجِهہ پاتارَ ۾، ماڻِڪَ ميڙِيائُون، آڻي ڏِنائُون، ھِيرو لالُ ھَٿَنِ سين.[ سُر سريراڳ - سيوا ۽ سار ]
- اَڃا اَسارِي، مَٿي تَڙَ گُذارِيين، تو ڪِيئَن وِسارِي، سَنگَتِ سامُونڊِيَنِ جِي.[ سُر سامونڊي - آيا وڻجارا ]
- گَنيَرَ گَتِ سِکَنِ، چَلَڻَ جِي چاءِ پَئِي، ھِندُو حَيرَتَ ۾ پِئا، لالِي ڪِي لَبَنِ، چَمڪَنِ چوڏِسِ چَنڊَ جِيئَن، وِڄَڙِيُوِنَ وِھسَنِ،…[ سُر سارنگ - سيڪارا سارنگ ]
- سَڳا سيلِهيُون سِڱِيُون، اِيءَ پُڻ گهورِي گَتِ، بابُو عادَتَ بُڇِڙِي، جِيئَن ھَلِئو وَڃينِ ھَٽِ، تِيرَٿَ توئِي وَٽِ، ٿو پُڇين گَسَ…[ سُر رامڪلي - سڳا سيلهيون ۽ نااميدي ]
- فَييَئُون فِڪرَ فِراقَ ۾، آديسِي آھِينِ، سَڳا سيلِها گَبرِيُون، جوڳِي جَلائِينِ، إِنَّ ٱلَّذِينَ فَتَنُواْ ٱلۡمُؤۡمِنِينَ ، سَناسِي ساھِينِ، سَنگَتِ سَنوارِينِ…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- نَھِين نَھِين گَتِ ميرِي، بِنان ڀَڳوانَ بِنان رَحمانَ، پيھِي جان پَروڙِئان، تان دِينُ دُنيا سَڀَ تيرِي.[ سُر رامڪلي - وايون ]
- ھِيئَن ڪَرِئو ھُونئَن ڪَرِين، ھِيءَ ڪَنھِن آڇِيَئِي گَتِ، وَرَ وِسُوڙِي آھِيان، پَسِي تُنھِنجِي پَتِ، مُون کي آئِي مَتِ، ٻِيُون ڪَنبَندِيُون…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- سائِين سَمُجِهَيسِ ڪِينَڪِي، ڳَڻي گَتِ سَندِياءِ، وَڏائِي واحِدَ ري، ٻي ڪَنھِن ڪِينَ جُڳاءِ، توبَهَ ڪِئمِ زيوَرَ ذاتِ کان، لوھِيءَ ڇَلي…[ سُر ليلا - ڏيئي جي ڏھاڳ ]
- جَهڻِ پِيڻُ جَهنگَلِ رَھَڻُ، اِيءَ غاريبَيَ گَتِ، شِيشا لالَ گُلابَ جا، پِي نَہ وِڃايان پَتِ، سُومَرا سُپَتِ، ڪَرِ تَہ نِڪِران…[ سُر مارئي - مارُن جو حال ]
- پانڌِي پِرِينءَ پَنوَهارَ کي، چَيُمِ تِيئَن چَئيجِ، سَندا سَنگَتِ ڏِينھَڙا، وَرَ مَ وِساريجِ، ڪوٺِيَنِ ڪُٺِي آھِيان، سِگِهي سارَ لَھيجِ، مُٺِ…[ سُر مارئي - مَ رو، پانڌي پرين پنھوار ]