ڪِناري بابت
معنيٰ
ڪپ، ڪپڙي جي ڀريل وَٽِ، زربفت جي پٽي گندين جي پلاندن کي لڳل پامڪ، پانڪ. وَٽِ، ڏند، ڪنار، ڏندي، آندي. ڀر. حد. پاسو.
At bank, port, edge
ڪناري تي. (ڪاٽ جي پٽي جنھن ۾ گوشت ٽنگڻ لاءِ ڪاسائي لوھ جا نوڪدار ڪُنڊا ھڻندا آھن، ان کي ڪنارو چوندا آھن.)
Strip where tools are hanged by butchers.
بيتن ۽ وائين ۾
- سُورِي سِينگاري، اُڀِي عاشِقَنِ کي، لُڏِئا ڪِينَ لَطِيفُ چئَي، ٿِئا نيزي نِظاري، ڪوٺِئو ڪِناري، آڻِئو چاڙِھي اُنِ کي.[ سُر ڪلياڻ - سُوري، ڪاتي ۽ زھر ]
- سَڄَڻُ سِينگاري، ڪِئائُون مُھاڙَ مُقامَ ڏي، کَڻِي کَٽولو ھَلِئا، لوڪان نِظاري، لاٿائُون لَطِيفُ چئَي، قَبَرَ ڪِناري، سَنئُون سُمَهاري، نيئِي ڌَرِيندا…[ سُر بروو سنڌي - صُورت فانِي ۽ مڙه مقام ]