ڪُٺِيُون بابت
معنيٰ
ماريُون. ذبح ڪيون، قتل ڪيون، خون ٿي ويون. ڪسجي ويون.
Murdered, slaughtered.
بيتن ۽ وائين ۾
- تانۡ جَي ھوتَ نَہ ڪَنِ، جو تُون پَسِي سَڱُ سَرَھِي ٿِي، ڪوڙيِين ڪُٺِيُون ڪيتِريُون، ٻانِهيُون ٻاروچَنِ، سَندِي ذاتِ جَتَنِ، آھي…[ سُر ديسي - واٽُون ۽ سُور ]
- چَرَکو چَندَنَ عاجَ جو، روئِي ڪِئَڙُمِ رَتُ، آيَلِ کَڻُ اَرِٽُ، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪَتندِيُون.[ سُر حسيني - ماءُ سان ڪلام ۽ ڪاوڙ ]
- کاڻِيُون لوٺِيُون اَکِيُون، ڪُٺِيُون ڪِينَ ڪُڇَنِ، مُٺِيُون ماٺِ نَہ ڪَنِ، ھَيُون رَھَنِ نَہ ھوتَ ري.[ سُر حسيني - ووءِ ووءِ ڪرڻ ۽ روئڻ ]