ڪُفرُ بابت
معنيٰ
لڪائڻ، دٻائڻ، الله جي نعمتن جي ناشڪري، گناھ، الله جي وجود جو انڪار ڪرڻ.
The act of hiding, covering up, concealing, hiding, enveloping, to be unbelieving, or ungrateful, ingratitude, great sin. Unbelief, heathenism, paganism, disbelief, impiety, blasphemy, impious, paganism, idolatry.
بيتن ۽ وائين ۾
- داتا سَندي دَرَ تي، وِڳَندُ ٿِي ويٺو، بَصَرَ سين بازارِ ۾، ڪَرَ واڻِيو ڄيٺو، دَرنِ تَنھِن پيٺو، جِتِ ڪُفرُ تان…[ سُر بلاول - وڳند ]
- مَرَڪِئو مَدِينو، ڀَڳا ڪوٽَ ڪُفارَ جا، ڪُفرُ ٿِئو ھِيڻُو، وَڌِيو دِينُ رَسُولَ جو.[ سُر ڏھر - اڱڻ، ڌڻي ۽ مدينو ]
- عِلَتِيءَ آرامُ، پَسِي عِلَتا آيو، حُسُنُ پَسِئو حَقَ جو، خامِي ڀانئين خامُ، اَچي ٿِئا اِسلامُ، ڪُفرُ ڪافِرُ پاڻَ ۾.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]