ڪَمِيڻِيَنِ بابت
معنيٰ
نيچ. گهٽ رتبي وارين، ڪم ظرفين، سِفلين، رَذِيلين، ذَلِيلن، بي مانين، بي عزتين، واھياتين.
Abusives, foul-tongueds, obscenes.
بيتن ۽ وائين ۾
- اِيءُ ڪَمُ ڪَمِيڻِيَنِ، جِيئَن سُتِيئَن پيرَ ڊِگها ڪَري، نِنڊان نِماڻِينُ کي، اوڀالا اَچَنِ، ليٽين ڪِيئَن لَطِيفُ چئَي، ھارِي ريءَ ھوتَنِ،…[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- اوجاڳو اَڄاڻِ، ڪِيئِي نَہ ڪَمِيڻِيَنِ جِيئَن، آسارِي ايھِيءَ پَرِ، پَوي ڪيچِيَنِ سين ڪاڻِ، ٻانِهي چائِيين پاڻِ، ٿِي سَڄِيُون راتِيُون سُمهين.[ سُر ڪوھياري - نِدورِي نِنڊ ]
- ڪَمِيڻِيَنِ ھَٿان، ٿِيَنِ مُوراھِين مَدِيُون، تُون ڪَرِ پاڻَ وَڙان، موٽُ سَٻاجها سُپِرِين.[ سُر حسيني - جِيئڻُ ۽ مَرڻُ ]
- ڏيئِي پاندُ پَناھَ جو، ڍَڪَ ڪِي ڍولِي، ڏِسِي عَيبَ اَکِيُنِ سان، باجَهہ ڀَرِئو نَہ ٻولِي، ڪَچِيُون ڪَمِيڻِيَنِ جُون، خاوَندُ نَہ…[ سُر راڻو - سوڍي صبر ۽ ڍولي ڍَڪِي ]
- مَ ڪَرِ ڍولَ ڍِلو، ناتو نِماڻِيُنِ سين، ڪونِهي ڪَمِيڻِيَنِ جو، بِگَرِ تو بِلو، تُنھِنجو نانءُ نِلو، وَٺِئو ويٺِي آھِيان.[ سُر ڏھر - نانءُ، ٻاجهہ ۽ ڪانڌ ]