ڪَرٽُ بابت
معنيٰ
آرو، وڏن بُنڊن کي چيرڻ جو هڪ اوزار. وڏي ڪارائي.
A sawyer’s saw.
بيتن ۽ وائين ۾
- سِرُ ڏيئِي سَٽِ جوڙِ، ڪَنھِن پَر ڪَلاڙِنِ سين، ڪاتِي ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾، آڻي خَنجَرُ کوڙِ، مَرَڻان مُنھُن مَ موڙِ، وَٽِي…[ سُر يمن ڪلياڻ - سري پيالو ۽ موکي متارا ]
- ھئَي ھئَي حادِثو، ھوتَ ھَلَندي جو ڪِئو، ايڏو ڪَرٽُ قُلُوبَ ۾، ڪَڏِھِين ڪو نَہ پِئو، مَرَڻُ ماڳِ ٿِئو، نِڌَڪَ ساھُ…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ھئَي ھئَي جي نَہ ھُئِي، تَہ جيڪَرَ جِيءُ جَلِي وِئو، پَئي ڪَرٽُ ڪاٺَ ۾، ڪَڍي رُڪُ رَئِي، سَندِي دَردَ دَئِي،…[ سُر حسيني - ڇپر، لوٺيي، حُج ۽ ھاءِ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، وِلاتِي واڄو، ھَنيائِين ھَٿَنِ سين، لايائِين لاڄو، ڪَري سُرُ ساڄو، وِڌَئِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، جاجِڪُ سَندو نَہ جُوءِ، صَدائُون سُلطانَ کي، سُڻائي صُبُوحِ، ھِنيُون وِجِهي مَنجِهہ ھُوءِ، وِڌائِين ڪَرٽُ ڪَپارَ ۾.[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]
- ڪَنجِهي ڪِيرَتِ ڪِينِرو، سازُ ڪِئائِين سَرِ، ويھِي ڪِي وَڏاڻَ سين، پاٺَ پَنھِنجِي پَرِ، ٻِيجَلَ ڪَري ٻَرِ ٻَرِ، وِڌو ڪَرٽُ ڪَپارَ…[ سُر سورٺ - ڏنو سر ڏياچ ]