ڪيھَرِ بابت
معنيٰ
شينھن، شينھن جي ھڪ جاتي (ڪيھر شينھن)
A lion. Breed of lion.

بيتن ۽ وائين ۾
- جَکِرو جوڙي، پاڻَ ڌَڻِيءَ پَيدا ڪِئو، ڪيھَرِ جِيئَن ڪَرُ کَڻِئو، مَلُ مُڇُون موڙي، سَمُنڊَ جِيئَن سِيرَ ڪِئو، ٿو ٻارِ جِيئَن…[ سُر بلاول - جکرو جوان ]
- ڇوٽِيءَ نَرِيءَ مُکِٽِيءَ تَرِيءَ، ڇوٽو ڪيھَرِ پاڻِ، گَجي تَہ گينوَرَ ھَڻي، ٻِئا مِروُن آسان.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪُرَھو ڪيھَرِيا، پَسو واگُهہ وِلاڙِيو، ٻيٽو ٻاپَ مُلان، ذَرو ضايَع نَہ ڪَري.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ٻيٽو ٻاپان وِتَرو، ڪَرَھو ڪيھَرِ جو پَسُ، آپُ ڇَپاوَڻُ پَرُ مارَڻُ، ذاتِ سِينهان جي جَسُ، جِتِ لَڳي دَمامَنِ دَسُ، اُتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- اِيءُ ڪيھَرِ جو ڪَمُ، جِيئَن ھاٿِيءَ جو ھَڏُ گهُري، نِھوڙي ناڀُنِ سين، دَمائيسِ نَہ دَمُ، ڪِلي ويرَ قَدَمُ، کوڙي پَرَ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- جَنبوُ نَہ جُهونجارَ، سِينھَن وڏيئِي سَتَ سين، ڪيھَرِ ڪِلي وارَ، ھَر دَمُ ھَڻي ھَٿَ سين.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ھاٿِي ھِمَٿَ سين ھَڻي، ھَرَڻا ھَٿُ نَہ ڏي، سامُهُون اَچي جَنِ کي، سي نِھوڙي نَي، اِنَ ڪيھَرِ ڪَنان ڪي، ڀَڳا…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪيھَرِ ڇوٽو ڪَنَ ڪُرا، ڪَنڌَ ڪَريبو ڪوھُ، ڪُرُ ري ڪَرَھِ نَہ ٿِئي، ڀِتِ ريءَ چِٽُ نَہ ھوءِ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- سَڱِيڻِي تَہ اُوچَ سَڱِيڻي، نيچَ سَڱِيڻِي تَہ ڪِرتِ وِراھُ، جيلانهَن ڪيھَرِ سين مائِٽِي، تيلانهَن ڪَنسِرَ چَري گاھُہ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڳَئُون مارِئو گِرِ چَڙِهي، گِرِ چَڙِهئو ڳَئُون کاءِ، ڪيھَرِ پَلاڻِي جي سَھي، تَہ لُنءَ لُنءَ لاکِ وِڪاءِ.[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪُرَھا جي ڪيھَرِ جا، ھيڪَلائِي ھَلَنِ، اَٿَنِ شَوقُ شِڪارَ جو، مارَڻُ آھينِ مَنِ، ڇڏِئو جَهنگُ مِرُنِ، ڪيھَرِ جي ڪُرَ واسَ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]
- ڪيھَرِ قَصَدُ ڪَبابَ سين، مَڇِي مُورِ نَہ کاءِ، جَي سِينھان سَؤُ لَنگهَڻين، توءِ نَہ لِکَ لَکاءِ، پيرُ تِتَھِين پاءِ، جِتِ…[ سُر ڪيڏارو - داستان پھريون ]