ڪوجِهي بابت
معنيٰ
بي ڊؤلي، بدشڪل، بدصورت، گول مول. خراب، گدلو، ميري. ڪمترين، گهٽ.
Deformed, ugly, inferior, bad.
بيتن ۽ وائين ۾
- زييَئُون زاھِدَ زُھِدَ سين، پُختا ٿِئا پَچِي، ڪَڍِي ڇَڏِيائُون ڪُڙِه مان، ڪوجِهي ڳالِهہ ڪَچِي، اُبَٺِئا عِبادَتَ ۾، مانجِهي مَرِدَ مَچِي،…[ سُر رامڪلي - ٽيھ اکري ]
- ڍَڪَڻَ مَٿي ڍولَ جا، جَڏھِن پُوچا ڏِٺَم پيرَ، مُون ڀانيو تَنھِن وير، تَہ ڪوجِهي ڪَندو پِريَرِي.[ سُر ليلا - ليلا ليلائيج ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُورِ نَہ موچارِيُون، وَٺِي ويٺِيُون واٽَ تي، کِکِيءَ جُون کارِيُون، اُنِين جُون آرِيُون، سَمي ريءَ ڪيرُ سَھي.[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، مُنھِن ميرِيُون مييُون، ڀاڪُرُ پائي ڀَنِ کي، پاڻِيءَ ۾ پييُون، جي سَمي سامَ وييُون، تَنِ تان لَٿو…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]
- ڪارِيُون ڪوجِهيُون ڪُوَڙِيُون، بَدِ جَنِي ۾ بُوءِ، ھَٿين پيرين چِٻِرِيُون، رَنگُ نَہ چَڱِيءَ رُوءِ، جَنھِن دُرا وِڪِئا دوءِ، تَنھِن جي…[ سُر ڪاموڏ - سمي سامهون گندري ]