ڪانِيۡ بابت
معنيٰ
سُرمي سرائِي، جنھن سان سرمو يا ڪجل اکين ۾ پاتو وڃي.
Wooden stick collyrium.
بيتن ۽ وائين ۾
- ڪا تُون ڪانِيۡ پاءِ، وَنِيُنِ ۾ وِصالَ جِي، دوبِينائِي دُورِ ڪَري، مَعرِفَتَ مَلهاءِ، سُپيرِيان جي سُونھَن ۾ رُخنو ڪونَہ رِھاءِ،…[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]
- سُرمو سِياھِيءَ جو، رَنُنِ کي رِھاءِ، ڪانِيۡ ڪارائِيءَ جي، مُڙسُ ٿِي مَ پاءِ، اَکِيُنِ ۾ اَٽِڪاءِ، لالائِي لالَڻَ جِي.[ سُر آسا - ترڪ، ڪلمو ۽ سرمو ]