ڪامِڻِي بابت
معنيٰ
نھايت خوبصورت عورت، جنسي ڇڪ رکندڙ عورت، حَسِينا، ماهِرُو، سُندَر نارِي، جميلا، شڪيلا، پَري، نازڪ بدن عورت. سگهڙ زال.
Very beautiful woman, sexy woman, delicate body woman. wonderful wife
بيتن ۽ وائين ۾
- اُڀِي اَڱَڻَ جَهلَ، ڪانگَ اُڏائي ڪامِڻِي، آيُسِ جَا اوچتو، اُنِهين ماڳِ مَھَلَ، سُورَنِ وِڌسِ سَلَ، ڪانگين ڪُٺِي ڪامِڻِي.[ سُر پورب - ڪانگ ]
- ڪوڙِين تُنھِنجُون ڪامِڻِيُون، تُون ڪوڙِنِ سَندو ڪانڌُ، مُون کي ڍيلِ مَ وَلَها، تَہ وَرَ وَڃان نَہ وِڙُواندِ، مُون ڳِچِيءَ ۾…[ سُر ليلا - مڻيو چنيسر، ليلا سھاڳڻ ]